ٻاويھين سنڌ ادبي ڪانفرنس

ٻاويھين سنڌ ادبي ڪانفرنس: ٻاويھين سنڌ ادبي ڪانفرنس، 5 ۽ 6 نومبر 1966ع تي جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ جمعيت الشعراء جي نگرانيءَ ۽ ماسٽر ڪلب جي انتظام ھيٺ لاڙڪاڻي ۾ ٿي، افتتاح، رفيق مرزا، ڪمشنر خيرپور ڊويزن ڪيو. (ان وقت خيرپور کي ڊويزن جو درجو حاصل ھو) ۽ صدارت سيد غلام مصطفيٰ شاهه (ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن) ڪئي. خاص مھمان محمد رفيق (ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو) ھو. استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمن محمد علي جوھر ۽ سيڪريٽري ماستر غلام دستگير ھو. ڪانفرنس ۾ جن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، انھن ۾ غلام محمد گرامي، فيض بخشاپوري، اظھر گيلاني، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاري، صوفي دوست محمد ”ساجد“سرشاري، امر پريمي، حسين بخش ”خادم“، احمد خان ”مدھوش“، شمشير الحيدري، نور الدين ”نور“، ”اثر“ مورائي ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر ۽ اديب شامل ھئا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو